شريعت سوانحي نمبر

شريعت (سوانحي نمبر): هي ماهوار رسالي شريعت جو سوانحي نمبر آهي، جيڪو عبدالوهاب چاچڙ 1981ع ۾ دفتر ماهنامه ‘شريعت’ گلشن عبيدگاهه سکر مان ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 50 روپيا ڄاڻايل آهي. ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب ۾ 445 صفحا آهن. هن ڪتاب ۾ ڇهن ضلعن جي عالمن جي سوانح حيات نهايت تفصيل ڏنل آهي. ڪتاب ۾ هيٺين ضلعن جي عالمن جي سوانح ڏنل آهي. (1) سکر، (2) شڪارپور، (3) جيڪب آباد، (4) لاڙڪاڻو، (5) دادو، (6) خيرپور.


هن صفحي کي شيئر ڪريو